ڏينهن ٻڌڻ ڏينهن چٽا ڪرڻ

ڏينهن ٻڌڻ/ ڏينهن چٽا ڪرڻ (رسم): هيءَ سنڌ جي قديم رسم آهي. ڏينهن ٻڌڻ يا چٽا ڪرڻ جو مقصد شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪرڻ آهي. ڪن هنڌن ان کي تِٿ ٻڌڻ يا تاريخ ٻڌڻ به چون ٿا. هن رسم ۾ گھوٽ جا مائٽ، جن ۾ گھوٽ جا ويجھا عزيز هڪ ٻه مرد ۽ ڪجهه عورتون گڏجي ڪنواريتن وٽ ويندا آهن، جتي ڪنواريتا پنهنجي ويجھي برادريءَ وارن کي ڪوٺ ڏيئي گھرائيندا آهن، پاڻ ۾ صلاح مصلحت کانپوءِ گھوٽيتن کي شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪري ڏيندا آهن. هن رسم جو خرچ، جيڪو ڪنواريتن ۾ مانيءَ جو ٿيندو آهي. اهو اڪثر ذاتين ۾ گھوٽيتا ڀريندا آهن. گھوٽيتن طرفان ڏينهن وٺڻ وقت خوشيءَ ۾ کارڪون ورهايون وينديون آهن. ٻنهي ڌرين جون عورتون گڏجي سهرا چونديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو